بقر عيد

بَـقر عِيدَ: عيدالاضحيٰ، جيڪا 10 ذوالحج تي ملهائبي آهي. هن عيد کي ”حج واري عيد“ کان سواءِ ”بقر عيد“ به چوندا آهن، ڇاڪاڻ ته هن عيد تي سنڌ ۾ عموماً ڳائي مال جي قرباني ڏيندا آهن. سنڌ زرعي ملڪ آهي. هتي ڳائي نسل جو مال ڌاريندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڍڳو هر ڦار، نار، هُرلي، گهاڻي، بيل گاڏيءَ ۽ بار برداريءَ ۾ ڪم ايندو آهي. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ عيدالاضحيٰ تي گهڻو ڪري ڍڳو (ڏاند) قرباني ڪندا آهن پر ٻڪريون، رڍون، سانَ، وهڙين جي به قرباني ڪئي ويندي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو